ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ آرڊيننس پاس ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي حاضري کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پريشانيون وقتي طور تي آهن انشاءَالله ملي هن پريشانين تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين.هن چيو ته اسان کي اهڙي صورتحال دوران گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. هڪ دفعو ٻيهر دهشتگرد ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ملڪ جون حالتون خراب ٿين. اسان جي حڪومت، پوليس، رينجرز، فوج ۽ انٽيليجنس ملي ڪم ڪري رهيون آهن. ٻن مذهبي شخصيتن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي جاچ پاڻ ڪري رهيو آهيان.وڏي وزير چيو ته سموري سنڌ ۾ بچت بازار لڳائي پئي وڃي. صوبي ۾ هر تعلقي ۽ هر ٽائون ۾ بچت بازار لڳائي رهيا آهيون. آرڊيننس پاس ڪيو آهي جنهن سان هاڻ قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن آرڊيننس کي سنڌ اسيمبلي مان به پاس ڪرائينداسين.