سکر:سماج جي ظلمن کان ستايل روهڙي واسڻ ناري معصوم ڌيءَ ۽ ماءُ سميت انصاف لاءِ سکر نيشنل پريس ڪلب پهچي وئي،
روهڙي جي نيويارڊ ڪالوني جي رهواسڻ نوجوان ناري شبانہ تبسم پنهنجي معصوم ڌيءَ شهزادي جنت ۽ ماءُ جميلان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهنجي 2018ع ۾ سجاد رڪ نالي شخص سان شادي ٿئي جنهن وارثن جي دٻاءُ ۾ اچي ۽ ڏاج گهٽ ملڻ جو بهانو ڪري شاديءَ جي پنجين مهيني ئي طلاق ڏئي ڇڏي، هاڻي اڳوڻو مڙس معصوم ڌيءَ کي کسڻ لاءِ حملا ڪري رهيو آهي ۽ دٻاءُ وجهي رهيو آهي جنهن خلاف روهڙي ٿاڻي تي ڪيس به داخل ڪرايو آهي، جنھن ۾ عبدالواحد ٻرڙو کي 70 هزار رپيا فيس ڏئي وڪيل ڪيو هاڻي وڪيل به دوستي رکڻ ۽ شادي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي انڪار ڪرڻ تي ڪيس کي خراب ڪرائڻ چاهي ٿو، وڪيل عبدالواحد ٻرڙو ۽ سندس منشي جاويد ڀٽي منهنجي اڳوڻي مڙس ۽ سندس مائٽن سان ملي ويا آهن ۽ مون کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي سکر، انساني حقن جي تنظيمن کان جوابدارن خلاف ڪارروائي ۽ کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي