سکر:رمضان المبارڪ جو پهريون روزو افطار جون تياريون زور شور سان جاري، ميون ۽ ڀاڄين جي طلب ۽ اگهن ۾ واڌ۔ضلعي ۽ لاڳاپيل انتظاميا ننڊ ستل۔ان سلسلي ۾ رمضان المبارڪ جي پهرين سحري کانپوءِ سکر جي بازارن ۾ افطاري خريداري عروج تي پهچي ويي سکر جي سبزي، فروٽ ۽ اناج مارڪيٽن ۾ افطار جون تياريون عروج تي آهن، جڏهن ته بازارن ۾ خريداري به عروج تي پهتل آهي. تجارتي ۽ ڪاروباري مرڪزن ۾ مبارڪ مهيني جي آمد ۽ برڪت جو هر مسلمان کي سال برڪت مهيني جو انتظار رهندو آهي. جڏهن ته اخوت ۽ محبت جا مظهر به نظر اچن ٿا۔ فجر ۽ افطار جي رونق مان ظاهر ٿئي ٿو ته بابرڪت مهينو اچي ويو آهي.مسجدن ۾ عبادتن جو چڱيءَ طرح سان انتظام ٿئي ٿو ۽ روزيدارن جون دليون لذيذ افطار کان سواءِ مطمئن نه ٿيون ٿين، اهو ئي سبب آهي جو بازارون به ماڻهن جي رونق سان ڀريل هونديون آهن، جڏهن ته مسافرن ۽ ضرورتمندن لاءِ روڊن جي ڪناري تي سموسا ۽ گرم پڪوڙن سميت ٻيو افطار جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو سکر ۾ به پهرئين ڏينهن به افطار جون تياريون عروج تي آهن ۽ بازارن ۾ خريدارن جي تمام گهڻي رش ڏسڻ وٽان هئي۔