ڪنڌڪوٽ :پريس ڪلب آڏو نوناري اتحاد ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران ڪجھ ڏينھن اڳ گھر ويندي اغوا ٿيل حسيب نوناري، عبدالروف نوناري جي بازيابي لاءِ گھنٽه گھر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر محمد يوسف نوناري، استاد جاڙو نوناري

ڪنڌڪوٽ :پريس ڪلب آڏو نوناري اتحاد ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران ڪجھ ڏينھن اڳ گھر ويندي اغوا ٿيل حسيب نوناري، عبدالروف نوناري جي بازيابي لاءِ گھنٽه گھر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر محمد يوسف نوناري، استاد جاڙو نوناري، غلام مصطفي ميراڻي، سجاد بروھي، ارباب علي سبزوئي، ڊاڪٽر عبدالڪريم نوناري ۽ ٻن احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو اھو ڏينهن خالي ڪونه آهي جنهن ڏينهن ماڻهو اغوا نه ٿيو ھجي، ھنن چيو ته ڪنڌڪوٽ وانا ٿي ويو آهي پوليس انتظاميه اگهور ننڊ ۾ پئي آهي ۽ ڪنھن ڪم جي ڪونه رھي آھي، ھنن چيو حسيب نوناري ۽ عبدالروف نوناري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويندو، ھنن چيو روز احتجاج ڪري رهيا آهيون پر پوليس جي ڪن تي جوء به نٿي چري، جنهن عمل خلاف پرپور احتجاج ڪيو ويندو جنهن جي ذميواري پوليس انتظاميه تي ھوندي، ھنن چيو ڪنڌڪوٽ مان ڪيترائي ماڻهو اغوا ٿيل آهن جيڪي ڌاڙيلن جي قيد ۾ آھن ۽ سندس ھنن جا پيارا انتھائي پريشاني ۾ مبتلا آهن، ھنن آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي عرفان علي سمون کان مطالبو ڪندي اپيل ڪيون ٿا ته بدامني تي ڪنٽرول ڪري اغوا ٿيل مغوين کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي نه ته انتھائي قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وينداسين