ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري، ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙا فوت

اسلام آباد: پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ کنوڻ سان تيز برسات جو سلسلو جاري آهي. تخت بهائي واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙا دٻجي فوت ٿي ويا.پنجاب جي جاڙن شهرن سميت مختلف علائقن ۾ کنوڻ سان رات کان شروع ٿيندڙ برسات جو سلسلو صبح تائين جاري رهيو. لاهور، شيخو پوره، چڪوال، تله گنگ، سميت مختلف علائقن ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته ڪنهن ڪنهن هنڌن تي ڳڙو پڻ پيو آهي.برسات سبب مختلف شهرن ۾ لوڊشيڊنگ جو سلسلو به جاري رهيو جنهن سبب شهرين کي سحري دوران پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو. شيخوپوره سميت مختلف شهرن ۾ برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.بهمبر، آزاد ڪشمير ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به تيز برسات پئي. ان دوران بجلي جي اکٻوٽ جو سلسلو جاري رهيو. نيلم وادي، اٺ مقام ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات پئي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ برفباري جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو. لوات بالا، شارده، ڪيل گريس، ويلي ۾ کنوڻ سان برسات پئي.تيز برسات سبب نيلم درياءَ ۽ ندي نالن ۾ پاڻي وهڪرن ۾ تيزي اچي وئي آهي. ڊيزاسٽرمينجيمنٽ اٿارٽي خبردار ڪيو آهي ته لينڊسلائينڊنگ جو امڪان آهي. ان لاءِ سياح ۽ شهري احتياطي تدبيرن تي عمل ڪن.خيبرپختونخواهه جي به مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو. تخت بهائي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ تيز برسات سبب ڪمري جي ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ ملبي هيٺيان دٻجي 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا. جڏهن ته گهر ڌڻي ۽ سندس گهر واري زخمي ٿي پيا.