پاڪپتن: پنجاب شهر جي پاڪپتن ۾ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي ملڪيت جي تڪرار هڪ ئي خاندان جي 7 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون. مقتولن ۾ جوابدار جا 2 ڀاءُ، ڀاڀي ۽ ٻار شامل آهن.پاڪپتن ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان پٽ ساٿين سان گڏجي ماءُ، ڀائرن ۽ ڀاڀي سميت 7 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار سحري وقت ڀاءُ جي گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪندي ماءُ، ڀاڀي ۽ ان جي ٽن 3 ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ سبب هڪ 7 سالن جي ٻارڙي سخت زخمي پڻ ٿي آهي.جوابدارن 2 ڀائرن کي ٻني ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو. قتل ٿيندڙن ۾ ماءُ، ڀاءُ شيرباز، افتخار، سندس گهر واري، 2 پٽ ۽ ڌيئرون شامل آهن.قتل جي اهڙي ڪارروائي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري ۽ فرانزڪ ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون. پوليس طرفان زخمي ٻارڙي کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٻارڙي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.پوليس مقتولين جي لاشن کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته جوابدارن خلاف به ڪارروائي جي شروعات ٿي چڪي آهي.آءِ جي پنجاب ڊاڪٽر عثمان انور ملڪيت جي تڪرار تان هڪ ئي خاندان جي ستن ڄڻن جي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺندي آر پي او ساهيوال کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آءِ جي پنجاب ڊي پي او پاڪپتن کي قاتلن جي جلد کان جلد گرفتاري لاءِ اسپيشل ٽيم جوڙڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.آءِ جي پنجاب چيو آهي ته وحشي جوابدار ۽ سندس ساٿين کي فوري طور تي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪري سزا ڏياري ويندي ۽ مقتولن جي وارثن کي انصاف جي فراهمي يقيني بنائي ويندي.