ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ منظور وساڻ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ سميت ٻيون وڏيون اڳڪٿيون ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته عمران خان کي وزيراعظم بڻجندي يا اقتدار ۾ ايندي نه پيو ڏسان.پنهنجي هڪ بيان ۾ پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو ته ٿي سگهي ٿو ته 8 آڪٽوبر تي به چونڊون نه ٿين. پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته چونڊون ٿين پر حالتون ٻڌائي رهيون آهن ته چونڊون وقت تي نه ٿينديون. جيڪڏهن ملڪ ۾ دهشتگردي ٿيندي ۽ فنڊز جاز نه ٿيا ته چونڊون منعقد ڪرڻ مشڪل ٿي ويندي.منظور وساڻ چيو ته ملڪ ۾ ايمرجنسي به لڳي سگهي ٿي. نگران سيٽ اپ يا ڪجهه وقت لاءِ نيوٽرل حڪومت به اچي سگهي ٿي. عمران خان کي وزيراعظم بڻجندي يا اقتدار ۾ ايندي نه پيو ڏسان.منظور وساڻ چيو ته هاڻ عمران خان جي گرفتاري ڪابه معنيٰ نٿي رکي، هاڻ گهڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، وفاق کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ملڪ جي صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي.پ پ اڳواڻ اڳڪٿي ڪندي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سياستدانن عقلمندي سان فيصلا نه ڪيا ته اهڙا ماڻهو جيلن ۾ ويندا جيڪي اڳ ڪڏهن به نه ويا هئا. هلندڙ سال مختلف سياسي پارٽين ۾ ڌڙا بنديون به شروع ٿي وينديون.