اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي ويو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان عدالت ۾ پيشي جي لاءِ زمان پارڪ کان قافلي جي صورت ۾ روانو ٿيو هو.عمران خان سان گڏ اسلام آباد ايندڙ گاڏين کي گولڙه موڙ وٽ روڪيو ۽ ساڻس گڏ صرف 4 گاڏين کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. اڳوڻي وزيراعظم سان گڏ جيمر واري گاڏي کي به اڳيان وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.اڳوڻي وزيراعظم جي گاڏي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اندر داخلا جي اجازت ملي وئي، پوليس هاءِ ڪورٽ جي سائيڊ تي سمورين گاڏين کي روڪي ورتو. عمران خان امڪاني طور تي جوڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ ضمانت لاءِ رابطو ڪندو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار عمران خان جي عبوري ضمانتن جي درخواستن تي اعتراض واري ڇڏيا آهن. رجسٽرار آفيس عمران خان جي عبوري ضمانت جي 7 درخواستن تي اعتراض واريا آهن. رجسٽرار آفيس اعتراض ڪيو آهي ته عمران خان بائيو ميٽرڪ ناهي ڪرايو.