ڪنڌڪوٽ: رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ عوام کي وڌيڪ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا پاران تعلقي سطح تي بازارون لڳايون ويون آهن،

ڪنڌڪوٽ: رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ عوام کي وڌيڪ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا پاران تعلقي سطح تي بازارون لڳايون ويون آهن، جتي اڄ به سستي اگهه تي کاڌي پيتي جي شين جو وڪرو جاري آهي . ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي جي خاص هدايتن تي ڪنڌڪوٽ ون فائيو بلڊينگ ۽ پريس ڪلب آڏو بچت بازار لڳائي وئي. جتي عوام کي دال، اٽو، ڀاڄيون، ميوا، ٻيون ضروري شيون سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ لاءِ اسٽال لڳايا ويا آهن، ماڻهو وڏي انگ ۾ خريداريءَ لاءِبچت بازارن جو روخ ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر فروٽ/ سبزي جي واپارين ۽ عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته اهي جاري ڪيل لسٽن مطابق وڪرو کي يقيني بڻائين ٻي صورت ۾ ذخيره اندوزن ۽ منافع خورن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.