ڪنڌڪوٽ :بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان 10 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل ڳوٺ اختيار احمد نوناري واسي ٻن ڀائرن حسیب نوناري، عبدالرؤف نوناري کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي جنهن ڪري مغوي جي بازيابي لاءِ ۽ وڌنڌڙ بدامني خلاف مغوي جي وارثن ۽ ڪنڌڪوٽ جي مختلف سياسي سماجي مذھبي تنظيمن طرفان ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙن ڊاڪٽر عبدالڪريم نوناري، جاڙو خان نوناري، جمال الدين اوڳاھي، ظريت ساگر بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، سجاد بروھي، غلام مصطفيٰ میراڻي، عبدالعزيز سومرو ۽ٻين چيو ته 10 ڏينھن ٿي ويا آهن پوليس حسيب نوناري ۽ عبدالرؤف نوناري کي بازياب نه ڪرائي سگهي آھي ضلعو ڪنڌڪوٽ بدامني جو ڳڙھه بڻجي ويو آهي ھر شھري غير محفوظ آهي پوليس ڌاڙيلن آڏو بيوس نظر اچي رهي آهي مغوين کي اغوا ٿئي 10 ڏينھن گذري ويا آهن پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي اسين پُر امن احتجاج جي ذريعي ميڊيا جي مدد سان سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو ڪيل احتجاج جو نوٽيس وٺي مغوين کي جلد بازياب ڪرائي شھرين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو