ڪنڌ ڪوٽ: يونين ڪائونسل نمبر 28 ددڙ جي ٽن پولنگن تي ٻيھر چونڊ ۾ پي پي اميدوار ڪامياب جي يو آ احتجاجن بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو پولنگ پرامن ٿي وئي تفصيل موجب

ڪنڌ ڪوٽ: يونين ڪائونسل نمبر 28 ددڙ جي ٽن پولنگن تي ٻيھر چونڊ ۾ پي پي اميدوار ڪامياب جي يو آ احتجاجن بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو پولنگ پرامن ٿي وئي
تفصيل موجب ـ ڪنڌ ڪوٽ يونين ڪائونسل نمبر 28 ددڙ جي ٽن پولنگن تي اليڪشن ڪميشن پاران ٻيھر چونڊ ڪرائي وئي جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڊسٽرڪٽ ميمبر مير احمد رضا سندراڻي 1201 ووٽ کنيا مخالف جي يو آء اميدوار ظفر ڀيو کي 15 ووٽ مليا چيئرمين تي پي پي اميدوار ڪاشف ڀيو 989 جي يو آء اميدوار محمد علي ڀيو 14 ووٽ کنيا جنرل ڪائونسلر تي پي پي اميدوار محمد صلاح 315 ووٽ کنيا جي يو آء اميدوار سلطان احمد 18 ووٽ حاصل ڪري سگھيو يونين ڪائونسل تي ٽوٽل اٺ پولنگ اسٽيشن ھيون جنهن ۾ پنجن تي اڳ ھي پي پي کي سرسري حاصل ھئي غير حتمي غير سرڪاري نتيجي موجب پي پي اميدوار ڪامياب ٿي ويا ٽن پولنگن تي پرامن ماحول ۾ ٿي گذري جڏھن ته جي يو آء پاران احتجاجن بائيڪاٽ ڪيو جنهن ڪري ۽ رمضان شريف ۽ ڪڻڪ جي سيزن سبب ٽرن آئوٽ گھٽ رھيو واضع رھي تي 26 جون تي مڪاني اليڪشن دوران انھي يونين ڪائونسل جي پولنگ تي ھٿياربندن حملو ڪري سڄي عملي کي اغوا ڪري ويا ھيا جنهن ڪري ٻيھر پولنگ ۾ سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ڊي سي منور علي مٺياڻي ـ ايس ايس پي عرفان سمون ـ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن آفيسر سميت ٻين پولنگن جا دورا پڻ ڪيا