سکر:پيپلز پارٽي سکر جي سينيئر ورڪر سيد ذاهد حسين شاھ بخاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي

سکر:پيپلز پارٽي سکر جي سينيئر ورڪر سيد ذاهد حسين شاھ بخاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت قسطون حاصل ڪندڙ عورتن کي بغير ڪنهن ڪٽوتي جي آيل رقم ادا ڪئي پئي وڃي جن عورتن جا نالا شامل ناهن انهن جا فارم ڀري موڪلي رهيا آھيون ۽ جن عورتن کي پئسا ملڻ ۾ رڪاوٽ آھي انهن جي مسئلي کي به حل ڪرايو پيو وڃي جن عورتن جون قسطون رڪيل هيون انهن کي قسطون ڏياريون ويون آھن اسان جي سينٽرليبرڪالوني آفيس ٻاهران عورتن جي وڏي قطار لڳل آھي هر هڪ عورت جنهن جا پئسا آيل آھن انهن کي عزت سان ادائگي ٿي رهي آھي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت پ پ سينيٽر اسلام دين شيخ۔ايم اين اي نعمان اسلام شيخ۔ارسلان اسلام شيخ ۽ ٻي قيادت جي عوامي خدمت واري جذبي تحت ڪم ڪري رهيا آھيون عمران خان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو  مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پاڻ مٽجي ويو جنهن به بي بي شھيد جي نالي سان هلندڙ پروگرام سان هٿ چراند ڪئي اهي پاڻ مشڪلاتن جي ور چڙھي ويا۔