لاهور :جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ڀڃ ڊاهه ۽ باهين جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب جي عبوري ضمانت کي رد ڪري ڇڏيو.عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب جي ضمانت پيروي نه ڪرڻ جي بنياد تي رد ڪئي. جاچ آفيسر موجب ڪيس جا جوابدار جاچ ۾ شامل ناهن ٿيا. حڪومت جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي آهي.دهشتگردي جي انت واري عدالت زبير خان نيازي، ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت ٻين کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت 3 شريڪ جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 7 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي. جڏهن ته پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر جي حاضري کان معافي جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.