سکر: ۾ هٿياربندن جي ڪار مٿان فائرنگ، زال، مڙس قتل، معصوم ٻارڙي زخمي

سکر: جي بندر روڊ واري علائقي ۾ هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ زال ۽ مڙس قتل ويا هڪ معصوم ٻارڙي سخت زخمي ٿي پئي واقعي جو اطلاع ملندي ئي حد ٿاڻي جي پوليس ۽ ايڌي رضاڪار پهچي ويا جن ٻنهي ڄڻن جا لاش ۽ زخمي معصوم نينگري کي سول اسپتال سکر منتقل ڪري ڇڏيو.سکر بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بندر روڊ واري علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ڪار کي روڪي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار زال مڙس ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويا جڏهن ته چئن ورهين جي معصوم نياڻي سخت زخمي ٿي پئي واقعي جو اطلاع ملندي ئي حد ٿاڻي جي پوليس ۽ ايڌي رضاڪار پهچي ويا جن قتل ٿي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش ۽ زخمي نينگري کي سول اسپتال سکر منتقل ڪري ڇڏيو پوليس مطابق قتل ٿي ويلن جي سڃاڻپ نوشهرو فيروز واسي علي اڪبر سولنگي ۽ مسمات زينت جي نالن سان ٿي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ٿي ويل ٻئي زال مڙس پنهنجي وڪيل ائڊووڪيٽ فرزانه سان گڏ سندس گاڏي ۾ سوار ٿي سيشن ڪورٽ سکر حاضري تان واپس وڃي رهيا هئا ته ساڻن واقعو پيش آيو پوليس مطابق مقتول علي اڪبر سولنگي قانون لاڳو ڪندڙ اداري رينجرز جو اهلڪار ٻڌايو پيو وڃي واقعي جو اطلاع ملندي ئي رينجرز جا اهلڪار پڻ سول اسپتال پهچي ويا پوليس پاران واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهي آهي پوليس جو اهو به چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مطابق ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي ٻن هٿياربندن ڪار کي روڪي سڌي فائرنگ ڪئي جوابدار سکر جي نئين پنڊ ٿاڻي جا رهواسي ۽ سڃاتل آهن کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.