سکر: پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي اڳواڻي ۾ سکر پوليس باگڙجي ڪچي ۾ منظم ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري رهي آهي، جڏهن ته باگڙيءَ جي ڪچي ۾ هٿياربندن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇاپا هنيا ويا آهن

سکر: پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي اڳواڻي ۾ سکر پوليس باگڙجي ڪچي ۾ منظم ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري رهي آهي، جڏهن ته باگڙيءَ جي ڪچي ۾ هٿياربندن خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇاپا هنيا ويا آهن۔هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضو ڪيل ڌاڙيلن جي پناھ گاهن کي به تباهه ڪري ڇڏيو آھي جڏهن ته ڌاڙيلن پاران پوليس چيڪ پوسٽن ۽ پوليس ٽيمن تي مارٽر گولا فائر ڪيا ويا آھن پوليس به هاءِ الرٽ ٿي  مورچا بند ٿي وئي آھي پوليس جي جوابي فائرنگ سبب ڌاڙيل فرار ٿي ويا۔جڏهن ته پوليس قبضو ڇڏايل زمينن تي پوليس پڪٽون  قائم ڪري ڇڏيون آھن، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ ڪچي ۾ جاري آپريشن جي اڳواڻي ڪندي ڊرون ڪيمرائن جي مدد سان ڪچي جي مختلف علائقن جو معائنو ڪري عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون آھن ۔علائقي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪندڙ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، معصوم شهرين کان ڦرلٽ ۽ وڊيوز ذريعي رياستي ادارن کي چئلينج ڪرڻ سان اهڙن عنصرن جو صفايو ڪيو ويندو ۽ علائقي ۾ امن قائم ڪيو ويندو ۽ قانون جي رٽ کي چيلينج ڪرڻ وارن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو.ياد رهي ته شڪارپور جي جهلي ڪلواڙي واري علائقي مان ڏاڙيل سوين مينهون ۽ ٻيو چوپايو مال ڦر ڪرڻ بعد باگڙجي جي ڪچي ۾ کڻي اچڻ واري اطلاعن تي باگڙجي جي ڪچي مان ڌاڙيلن جو صفايو ڪرڻ لاء سکر پوليس آپريشن شروع ڪيو آھي ڇاڪاڻ جو سکر جي باگڙجي وارو ڪچو شڪارپور ۽ خيرپور ضلعن جي حدن سان مليٿو ڌاڙيل ٽنهي ضلعن مان ڏووھ ڪري باگڙجي جي ڪچي ۾ رهن ٿا جتي هزارين ايڪڙ سرڪاري زمينن تي پڻ قابض آهن۔