سکر : خوراڪ کاتي ۾ اڍائي ارب رپين جي اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ اڍائي ارب رپين جي اسڪينڊل بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران ڊي جي فوڊ امداد علي شاهه وڪيلن سان گڏ پيش ٿيو ۽ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي، عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، ٻڌڻي کانپوءِ ڊائريڪٽر جنرل فوڊ سيد امداد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خوراڪ کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڊبل بينچ ۾ ٿي، جنهن ۾ سکر مل مالڪن چيو ته جنهن هڪ ارب رپين جو فراڊ ڪيو، ان کي آزاد ڪيو وڃي ۽ اسان کي اسان جو ڪوٽا ڏنو وڃي، اسان ڪيس جو دفاع ڪيو ۽ سڀ پيش ٿيا. دستاويز جج آڏو پيش ڪيا، الحمدالله ڪيس کٽينداسين ۽ سنڌ حڪومت کي ڏيڍ ارب رپيا واپس ملندا.