سکر: سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل لهڻ سان ئي ڪڻڪ ۽ اٽي سان ڀريل ٽرالر پنجاب سميت ٻين صوبن ۽ افغانستان ڏانهن امپورٽ ٿيڻ شروع ٿي ويا، فوڊ آفيسرن ۽ پوليس جا هٺٺ

سکر: سنڌ ۾ ڪڻڪ جي فصل لهڻ سان ئي ڪڻڪ ۽ اٽي سان ڀريل ٽرالر پنجاب سميت ٻين صوبن ۽ افغانستان ڏانهن امپورٽ ٿيڻ شروع ٿي ويا، فوڊ آفيسرن ۽ پوليس جا هٺٺ، ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ 40 ٽن اٽي سان ڀريل ڪنٽينر روهڙي بائي پاس موٽروي انٽر چينج وٽ سکر جي فوڊ عملي پاران 4 ڏينهن کان روڪي ڇڏيو، ڳجهه ڳوهه ۾ معاملو اڃاٺهيو ئي نه هو ته ميڊيا سميت ٻين ادارن کي کڙڪ پئجي وئي، جڏهن ته ميڊيا ٽيم پهچڻ سان ٽرالر ڊرائيور سموري ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو ته گذريل 4 ڏينهن کان بيهاريو ويو آهي، اٽي جي مل مالڪن سان فوڊ آفيسرن معاملا طئي ڪري ڇڏيا آهن، رات جو منزل طرف روانو ڪيو ويندو، فوڊ کاتي سنڌ جي رشوت خوري سبب سنڌ ۾ پهريائين اٽي جي کوٽ آهي جنهن ڪري 150 کان 160 روپين تائين اٽي جو ڪلو وڪامي رهيو آهي، ۽ سنڌ واسي پورهيت طبقي جا ماڻهو هڪ ويلي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهن، سنڌ ۾ خوراڪ کاتي جي آفيسرن جي اهڙي رشوت خوري سبب ايندڙ سال به ڪڻڪ جي کوٽ جو امڪان آهي، جنهن ڪري چيف جسٽس آف سنڌ ۽ وس وارن کي ڪڻڪ جي ٿيندڙ اسمنگلنگ کي روڪڻ لاءِ ترت نوٽيس وٺڻ گهرجي،