ڪنڌ ڪوٽ: سميت ضلعي جي ڏھ ھزار مستحق غريب بيواھ ۽ يتيم ٻارڙن ۾ ھيلپنگ ھينڊ طرفان رمضان پيڪج تحت راشن تقسيم ڪرڻ

ڪنڌ ڪوٽ :سميت ضلعي جي ڏھ ھزار مستحق غريب بيواھ ۽ يتيم ٻارڙن ۾ ھيلپنگ ھينڊ طرفان رمضان پيڪج تحت راشن تقسيم ڪرڻ جو سلسلو جاري ڪنڌ ڪوٽ لڳ گوليمار ۾ به غريب مرد عورتن ۽ معصوم ٻارڙن ۾ راشن تقسيم ڪيو ويو ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي جي صوبائي اڳواڻ حافظ نصر الله عزيز چنا ھيلپنگ ھينڊ جي انچارج جميل احمد چاچڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو مقصد غريب مستحق عوام کي رليف پھچائڻ آھي موجودا حڪمرانن عوام مٿان مھنگائي جو بم ڪيرائي انھن کي بک بدحالي طرف ڌڪيو آھيو حڪمران رڳو اعلان ڪرڻ ۾ پوري آھي عوام کي ڪو به فائدو نه ڏنو ويو آھي ھنن وڌيڪ چيو ته اسان گذريل برساتن ۾ عوام سان گڏ ھئاسين ۽ ھاڻ به عوام سان گڏ آھيون ھر ممڪن مدد ڪرڻ پنھنجو فرض سمجھون ٿا ان موقعي تي مستحق مرد عورتن ھيلپنگ ھينڊ سميت جماعت اسلامي کي بھ دعائون ڏنيون ـ