سکر: پوليس ڪارروائي ڪندي مڙس ۽ زال جي ٻٽي قتل ۾ ملوث مک جوابدار گرفتار، جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو.سکر پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب مڙس ۽ زال جي ٻٽي قتل ۾ ملوث مک جوابدار عابد گڏاڻي کي واقعي جي 30 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪري قتل جو اوزار هٿ ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا هئا ۽ جاچ ٽيم جوڙي هئي ٽيم ڪاروائي ڪندي مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي ۽ جوابدار کان جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جا مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.