سکر:ڪميونٽي پوليسنگ باوجود سکر ۾ ٽريفڪ ضابطن تي عمل نه ٿي سگهيو، شهري ٽريفڪ جي سهولتن کان محروم، شهر ۾ ٽريفڪ جا مسئلا وڌي ويا، شهر جي تجارتي ۽ ڪاروباري مرڪز سميت روڊن تي ٽريفڪ جام، مسافرن سميت گاڏين جي اچ وڃ ۾ ڏکيائيون شهرين جو لنگھ، سماجي حلقن جو اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو تفصيل موجب سنڌ جي ٽئين وڏي شهر سکر ۾ وڌندڙ ٽريفڪ مسئلن جي خاتمي لاءِ سکر انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن پاران اعلانن باوجود ڪميونٽي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس پاران ٽريفڪ ضابطن تي عمل نه ڪرڻ سبب ٽريفڪ جام وارو مسئلو ختم نه ٿي سگهيو آهي. .شهر ۾ سياسي اثر رسوخ ۽ حددخلين سبب غيرقانوني پارڪنگ ايرياز، شهر ۾ ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي روز جو معمول بڻيل نظر اچي رهيو آهي.سکر پوليس انتظاميه پاران وڏيون دعوائون ڪرڻ باوجود ڪابه ڪارروائي نظر نه ٿي اچي. شهر جا مصروف ترين ڪاروباري ۽ تجارتي مرڪز گهنٽا گهر، بندر روڊ، مينار روڊ، شڪارپور روڊ، نئون ڳوٺ، پوليس هيڊ ڪوارٽر روڊ، ايوب گيٽ سميت ٻين علائقن ۾ ٽريفڪ جام ۽ مسافر گاڏين راهگيرن سميت شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ٽريفڪ جام جي وڌندڙ مسئلن تي سماجي حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ هنن وزيراعليٰ سنڌ، صوبائي وزير ٽرانسپورٽ، صوبائي وزير بلديات. ڪمشنر سکر، ڊپٽي ڪمشنر سکر، ايڊمنسٽريٽر ميونسپل ڪارپوريشن سکر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ ٽريفڪ جي ضابطن تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي، ٽريفڪ جام ۾ خلل وجهڻ سميت غيرقانوني پارڪنگ ايريا ۽ حددخليون ختم ڪرائي. ٽرئفڪ جام مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي۔