ڪنڌڪوٽ :پريس ڪلب آڏو ملڪ برادري جو شبير احمد کوسو کي جعلي کاتو نه ڏيڻ تي رٽائرڊ ڪلارڪ نصر اللّه ملڪ تي تشدد ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ویو مظاهرين غلام رسول ملڪ، نصراللّٰہ ملڪ، عزيز اللّٰه ملڪ، خادم حسين ملڪ ـ محمدرمضان ـ عالم ملڪ ۽ ٻين احتجاج ڪندي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته شبير احمد کوسو مختيارڪار آفيس ۾ اچي جعلي کاتو ٺھرائڻ لاءِ زور ڀريو رٽائرڊ ڪلارڪ نصر اللّٰه ملڪ جي مٿان تشدد ڪري پسٽل جا بٽ ھڻي ڪپڙا ڦاڙي ڌمڪيون ڏيندي فرار ٿي ويو اھڙي عمل خلاف اسين پريس ڪلب پھچي پُرامن احتجاج ڪندي مطالبو ڪريون ٿا ته ايس ايس پي عرفان سمون، ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي نوٽيس وٺي جوابدار کي گرفتار ڪري سندس انصاف ڏياريو وڃي، ٻئي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو،