ڪنڌڪوٽ : لڳ تيز رفتار ڊمپر جو موٽرسائيڪل جو ٽڪر ھڪ ڄڻو فوت گهر م قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد گولا موڙ تي تيز رفتار ڊمپر ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي م موٽرسائيڪل سوار ، نوجوان طارق گولو کي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر منتقل ڪري رھيا ته نوجوان زخمن جا سور نہ سهندي رستي م فوت ٿي ويو جنهن جو مڙھ گهر پھچڻ تي قعورام مچي ويو پوليس ڊمپر جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڊمپر کي تحويل م وٺي ڇڏيو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي