پاڪ فوج رياست جي سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ دهشتگردي خلاف ڪردار ادا ڪندي رهندي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته خارجين سميت دهشتگرد گروهه پاڪستان خلاف افغان سرزمين تان ڪارروائيون ڪري رهيا آهن، دهشتگرد حملن ۾ پرڏيهي هٿيارن جي استعمال جو ثبوت آهي، افغانستان اهڙن عنصرن جي محفوظ پناهه گاهه بڻيل آهي، وڌيڪ پڙھو

آمريڪا سان سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون جاري آهن، افغانستان جي سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي: پرڏيهي ترجمان

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا سان سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه تسلسل سان جاري آهي، آمريڪا جيڪڏهن پنهنجا ڇڏيل هٿيار افغانستان کان واپس وٺي ته خطي ۾ امن بحال ٿي ويندو. شفقت علي خان هفتيوار بريفنگ دوران وڌيڪ پڙھو

فيض حميد گرفتار آهي، باجوه کان پڇيو وڃي پاڪستان ۾ دهشتگردن کي ڇو ترسايو ويو: خواجه آصف

 دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد  ته گرفتار آهي، اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه کان پڇو وڃي ته انهن دهشتگردن کي پاڪستان ۾ ڇو ترسايو. پارليامينٽ هائوس ۾ وڌيڪ پڙھو

پاڪ افغان سرحد ڀرسان آپريشن ۾ افغانستان کان آيل دهشتگرد گرفتار، اهم انڪشاف

بلوچستان ۾ پاڪ افغان سرحد ڀرسان سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن کان پوءِ افغانستان مان  دهشتگردي جون وڌيڪ شاهديون سامهون اچي ويون آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ افغان دهشتگردن جي ملوث هجڻ ۾ لاڳيتو اضافو وڌيڪ پڙھو

دوداپور: کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان هٿياربندن جي ڪار مٿان فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا

 دوداپور ڀرسان ميرانپور واري علائقي ۾ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي جي نتيجي ۾ هٿياربندن جي ڪار مٿان فائرنگ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته واقعي جو ڪارڻ معمولي تڪرار ٻڌايو پيو وڃي. وڌيڪ پڙھو

وقت اچي ويو آهي، اوهان اسان جو ساٿ ڏيو، عمران خان جو مولانا فضل الرحمان جي نالي پيغام

  پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل  سلمان اڪرم راجا عمران خان جو جي يو آءِ(ف) سربراهه کي پيغام ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي چئو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي وڌيڪ پڙھو