وڪيلن جي گارين سان پوليس جو معيار متاثر ٿيو، حيدرآباد جي ايس ايڇ اوز احتجاج طور موڪلن جون درخواستون ڏئي ڇڏيون

سنڌ جي ٻئين وڏي شهر حيدرآباد جي چئن اسٽيشن هائوس آفيسرز(ايس ايڇ اوز) احتجاج جي طور تي هڪ مهيني جي موڪلن جون درخواستون ڏئي ڇڏيون آهن. موڪلن جون درخواستون ڏيندڙن ۾ انسپيڪٽر جنيد عباس ايس ايڇ او مارڪيٽ ٿاڻو، انسپيڪٽر وڌيڪ پڙھو

مبارڪپور: ڳوٺاڻن ۽ پوليس جي ڪارروائي، چوپايو مال چوريءَ جي واردات جو پتو پئجي ويو

ٺڪراٺو(رپورٽ) ٿاڻو مبارڪپور جي حد ڳوٺ ڳاڙھو دڙو مان ڳوٺاڻي محمد يونس مھر جي گھر کي چئن نامعلوم چورن کاٽ ھڻي سمورو چوپايو مال جنهن ۾ هڪ مينهن هڪ ڳئون هڪ گابو ۽ هڪ پاڏو چوري ڪري فرار ٿي ويا وڌيڪ پڙھو

سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ جو احتجاجي مظاهرو

پريالوءِ (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت پريالوءِ جي دستوري گڏجاڻي نئين ٽهيءَ جي شاعر سعيد سنڌيءَ جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ استاد ڪندن لال، سجاد ميراڻي، بلال صابر، اسد بلوچ، ڏنل زخمي، سميع سجاد، وحيد ميمڻ، ڪانتيش ڌوميجا ۽ ٻين وڌيڪ پڙھو

اسماعيلي ڪميونٽي جو روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان لاڏاڻو ڪري ويو

 اسماعيلي ڪميونٽي جو روحاني پيشوا پرنس ڪريم آغا خان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پڌرائي موجب پرنس ڪريم آغا خان جو لاڏاڻو 4 فيبروري تي پرتگال جي راڄڌاني لزبن ۾ ٿيو  سندس عمر 88 سال هئي، لاڏاڻي وقت شاهه ڪريم جا وڌيڪ پڙھو

آمريڪي صدر غزه تي قبضي جو اعلان ڪري ڇڏيو، اسان انهي جا مالڪ هونداسين: ڊونلڊ ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل هٿان تباهه ڪيل پٽي غزه تي قبضو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وائٽ هائوس ۾ اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو سان پريس ڪانفرنس ڪندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا غزه جي پٽي تي وڌيڪ پڙھو

حيدرآباد: وڪيلن ۽ ڊي آءِ جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، 15 ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم

حيدرآباد ۾ رات دير سان ايس ايس پي آفيس ۾ ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق ڌاريجو ۽ وڪيلن وچ ۾ ٿيل ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ وڪيلن ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. ڀٽائي نگر پوليس گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ علي رضا وڌيڪ پڙھو

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪارڪردگي سدائين ساراهه جوڳي رهي آهي، تعليمي خدمت ڪندڙ اداري تي اسان کي فخر آهي: نواب غني ٽالپر

 اڳوڻي ايم اين اي ۽ پ پ جي سينئر اڳواڻ نواب غني ٽالپر سان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي رٽائرڊ ملازمن جي تنظيم جي اڳواڻن غلام قادر مغل ۽ ترابي انيس ميمڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وڌيڪ پڙھو

سڄي ملڪ جيان حيدرآباد ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڊويزنل ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي

سڄي ملڪ جيان حيدرآباد ۾ به ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شهباز بلڊنگ کان پوسٽ آفيس تائين ڊويزنل ڪمشنر بلال احمد ميمڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڪشميرين سان يڪجهتي وڌيڪ پڙھو

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

 پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. سڄي ملڪ ۾ ريليون، سيمينار ۽ خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن. سڄي ملڪ ۽ آزاد ڪشمير ۾ صبح 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي وڌيڪ پڙھو

وفاقي سرڪار سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري

 وفاقي سرڪار سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. ڪابينه ڊويزن سڀاڻي جي سرڪاري موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪيبينيٽ ڊويزن سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن وڌيڪ پڙھو