توهين عدالت ڪيس: سپريم ڪورٽ مصطفيٰ ڪمال جي فوري معافي جي استدعا رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا ۽ متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي خلاف توهين عدالت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ مصطفيٰ ڪمال جي فوري معافي جي استدعا رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي وڌيڪ پڙھو

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ 40 پارٽين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ چونڊ مهم جي خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن چونڊ مهم جي خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي 40 سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪيا هئا ۽ وڌيڪ پڙھو

پي ٽي آءِ باني عمران خان سائفر ڪيس ۾ سزا ڪالعدم ٿيڻ تي چيو آهي ته سڀئي ڪيس ڪوڙا آهن، سڀني ڪيسن کي منهن ڏيندس ۽ ڪامياب ٿيندس.

عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ قانوني ٽيم جي ميمبرن خواجا حارث، انتظار پنجوٿا ۽ شاهه فيصل ايڊووڪيٽ ملاقات ڪئي. ملاقات جي حوالي سان انتظار پنجوٿا چيو ته قانوني ٽيم جي ملاقات سپريم ڪورٽ نيب ترميمن جي ڪيس جي سلسلي وڌيڪ پڙھو

حڪومت ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيا رنه آهي، ڪراچي پوليس ڏوهارين کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي: حافظ نعيم الرحمان

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي، جڏهن ته ڪراچي پوليس ڏوهارين کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ وڌيڪ پڙھو

ادارا پنهنجي حدن اندر رهي ڪم ڪندا ته ملڪ ۾ بهتري اچي سگهي ٿي: فيصل ڪريم ڪنڊي

خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪندا ته ملڪ بهتري طرف ويندو. لاهور ۾ پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم وڌيڪ پڙھو

حماس سان جنگبندي ڪئي ته حڪومت ڪيرائي ڇڏينداسين، اتحادين جي اسرائيلي وزيراعظم کي ڌمڪي

اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو حڪومت جي مخالف ڌر جي 2 وزيرن ۽ اتحادين حماس سان جنگبندي معاهدي جي صورت ۾ حڪومت ڪيرائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. نيتن ياهو حڪومت ۾ شامل نيشنل سيڪيورٽي جي وزير ايتماربن غفير ۽ ناڻي وڌيڪ پڙھو

ڪي پي ڪي حڪومت مخصوص سيٽن بابت بينچ ۾ چيف جسٽس جي شموليت تي اعتراض واري ڇڏيا

خيبرپختونخواهه جي حڪومت سني اتحاد ڪونسل جي مخصوص سيٽن بابت بينچ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي شموليت تي اعتراض واري ڇڏيا. ذريعن موجب گذريل ڏينهن ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخواهه جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ خيبرپختونخواهه حڪومت مخصوص وڌيڪ پڙھو

9 مئي جو اصل ڏوهاري خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير بڻجي ويو: فيصل ڪريم ڪنڊي

خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي  چيو آهي ته 9 مئي جو اصل ڏوهاري ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير بڻجي ويو آهي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته وزيراعظم جو ٿورائتو آهيان وڌيڪ پڙھو

آءِ ايم ايف پارليامينٽ ميمبرن جي ترقياتي اسڪيمن جا فنڊ ختم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 2024-25 جي بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف جي شرطن سبب وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ تبديليون ڪندي آءِ ايم ايف جي تجويز تي پارليامينٽ ميمبرن جي ترقياتي اسڪيمن جا جا فنڊز ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري وڌيڪ پڙھو