غزه: اسرائيلي فوجي ڪارروائين ۽ مسلسل اقتصادي گهيري جي نتيجي ۾ غزه جا لڪين بي گهر فلسطيني مسلسل چوٿين سال به سخت سياري جون تڪليفون عارضي تنبن ۾ گذارڻ تي مجبور آهن، جتي برساتي پاڻي ۽ شديد سردي زندگي وڌيڪ ڏڪي بڻائي ڇڏي آهي.
بين الاقوامي امدادي ادارن موجب پناهگير ڪئمپن ۾ نه گرم بسترن ۽ ڪپڙن جو معقول انتظام آهي ۽ نه ئي بجلي يا ايندھن ميسر آهي، جنهن سبب ڪيترائي متاثر خاندان حرارت لاءِ ڪاٺيون ۽ پلاسٽڪ ساڙڻ تي مجبور آهن.
طبي ۽ انساني چئلينج
- تنبين ۾ برساتي پاڻي ۽ نمي سبب ٻارڙن ۽ پوڙهن ۾ نمونيا ۽ ساهه جي بيمارين ۾ تيزي
- سرحدي رستن تي رنڊڪن سبب خيمن، بسترن، خوراڪ ۽ دوائن جي رسائي متاثر
- گڏيل قومن جي انساني حقن واري اداري پاران فوري گهيرو ختم ڪرڻ جي اپيل
طبي ماهرن ۽ عالمي تنظيمن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن غزه تائين فوري سياري جي امداد ۽ دوائون نه پهتيون ته جاني نقصان وڌڻ جو سنگين خطرو آهي.