غزه: جنگ ۽ تباهه ڪار بمباري جي انتهائي ڏڪين حالتن جي باوجود غزه ۾ گڏيل شاديءَ جي هڪ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 250 فلسطيني جوڙا زندگي جي نئين سفر تي گڏجي ويا.
مقامي ۽ بين الاقوامي فلاحي ادارن جي تعاون سان رٿيل هن تقريب دوران روايتي فلسطيني گيت ڳايا ويا ۽ گهوٽن توڙي ڪنوارن جي مائٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري نوجوانن جا حوصلا بلند ڪيا.
تقريب جا نمايان پاسا
- مالي بحران سبب شاديءَ جا خرچ نه سهي سگهندڙ 250 جوڙن ڪي بنيادي گهريلو سامان جي فراهمي
- تباهه ٿيل عمارتن آڏو روايتي لباس ۾ خوشي ملهائيندڙ جوڙن جون تصويرون عالمي سوشل ميڊيا تي وائرل
- نوجوان جوڙن پاران مشڪلاتن آڏو هار نه مڃڻ ۽ پرعزم مستقبل جي پيغام جو اظهار
مبصرن موجب هي تاريخي گڏيل شادي ثابت ڪري ٿي ته سخت ترين تڪليفن ۾ به غزه جا شهري پنهنجي ثقافت ۽ زندگي جي روشنيءَ ڪي زنده رڪي رهيا آهن.