درياءَ واري واقعي ڪانپوءِ ريسڪيو ۽ بچاءُ واري ڪارروائي جو منظر

ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ درياءَ اندر واڳون جو حملو، مقامي مهاڻن پاران عورت جي جان بچائي وئي

نئين دهلي: ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ ڪماراڌارا درياءَ واري پل تان گهريلو ذهني دٻاءُ سبب پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيندڙ هڪ عورت مٿان اچانڪ واڳون حملو ڪري ڏنو، جنهن ڪي مقامي مهاڻن بهادريءَ سان بچائي ورتو.

اڪين ڏٺن شاهدن موجب عورت جي هٿن ۽ پيرن تي واڳون جا گهرا زخم آيا، پر موت ڪي ويجهو ڏسي هن پاڻيءَ ۾ مزاحمت ڪئي ۽ رڙيون ڪيون، جنهن تي ڪناري ويجھو موجود مهاڻا پنهنجون ٻيڙيون ڪڻي پهچي ويا.

ريسڪيو ۽ پوليس ڪارروائي

  • مقامي رهواسين لٺين ۽ رسين جي مدد سان واڳون ڪي پري ڀڄائي عورت ڪي سلامت ٻاهر ڪڍيو
  • پوليس ۽ امدادي ٽيمن زخمي عورت ڪي فوري طبي امداد لاءِ سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو
  • پوليس پاران خطرناڪ دريائن ويجھو احتياط ڪرڻ جي هدايت، متاثر عورت خطري ڪان ٻاهر

سوشل ميڊيا تي واهپيدارن مقامي مهاڻن جي انسان دوستي ۽ بروقت بهادريءَ جي زبردست واڪاڻ ڪئي آهي.