اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف آدمشماري تي صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي فنڊز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب 12 ارب روپين جا فنڊز جاري ڪيا ويا آهن. سمورن صوبن کي آدمشاري جي انتظامن لاءِ فنڊز جي ٻئي قسط جاري ڪئي وئي آهي.آدمشماري جي لاءِ صوبن کي 3 مرحلن ۾ پئسا جاري ڪيا ويندا جنهن ۾ لاجسٽڪ انتظام يعني هائرنگ آف وجيڪلز، ٽريننگ چارجز ۽ ريمونريشن چارجز لاءِ پئسا جاري ڪيا پيا وڃن.ان حوالي سان سنڌ صوبي کي 92 ڪروڙ 89 هزار روپيه هائرنگ آف وهيڪلز جي مد ۾ جاري ڪيا پيا وڃن. اهڙي طرح بلوچستان کي 43 ڪروڙ روپيه، خيبرپختونخواهه کي تقريبن 64 ڪروڙ 42 لک 60 هزار روپيه جاري ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته پنجاب کي به سومر تائين 1 ارب 88 ڪروڙ 24 لک 75 هزار روپيه جاري ڪيا ويندا.آدمشماري جي عمل جي شفافيت ۽ منظم مانيٽرنگ لاءِ چيف سيڪريٽريز، ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي مانيٽرنگ ڊيش بورڊز تائين پهچ ڏني وئي آهي.مانيٽرنگ ڊيش بورڊز ذريعي بلاڪ ليول تائين آباداري، گهر، جيوٽيگنگ سان گڏ ڪوريج جي ڪارڪردگي ۽ ڳڻپ ڪندڙ جي ڪم جي ڪارڪردگي به ڏٺي ويندي جيڪو اڳ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن نه هو.