آمريڪا توانائي مارڪيٽ ۾ هٿ چراند ڪري جنگ کي ڊگهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عباس عراقچي

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي الزام لڳايو آهي ته آمريڪا ميڊيا ذريعي عالمي توانائي مارڪيٽ ۾ هٿ چراند ڪري رهيو آهي ۽ جنگ کي ڊگهو ڪرڻ لاءِ توانائي جي منڊي تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.عباس عراقچي ڇنڇر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسرائيل سان لاڳاپيل ڪجهه عنصر موجوده صورتحال بابت اميد افزا تجزيا پيش ڪري رهيا آهن، پر جنگ جا حقيقي اثر ۽ ان جا معاشي نتيجا آمريڪي عوام، خاص طور تي صارفين کي برداشت ڪرڻا پئجي رهيا آهن.ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته موجوده صورتحال ۾ حقيقتن کي سامهون آڻڻ ۽ جنگ جي معاشي اثرن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ موجب جنگ بابت پيش ڪيل ڪجهه دعوائن جي ابتڙ ان جا مالي ۽ معاشي اثر سڌي ريت آمريڪي صارفين تي پئجي رهيا آهن.عباس عراقچي آمريڪي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته ايراني انٽيليجنس مان ظاهر ٿئي ٿو ته عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ هٿ چراند ڪرڻ لاءِ وڏي پيماني تي ڪوششون جاري آهن.هن الزام لڳايو ته آمريڪي حڪومت جا ڪجهه حامي اهڙي ميڊيا کي استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪا آساني سان گمراهه ٿي سگهي ٿي، ته جيئن ذاتي مفادن لاءِ توانائي جي قيمتن تي اثرانداز ٿي سگهجي. عراقچي موجب انهن عنصرن جي ڪوشش آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي اهڙي جنگ ۾ ڦاسائي رکيو وڃي، جنهن ۾، سندس چوڻ موجب، آمريڪا کي شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

ايراني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته اسرائيل سان هم آهنگ عنصر پڻ خوش ڪندڙ تجزين ذريعي جنگ کي جاري رکڻ جي حمايت ڪري رهيا آهن، پر جنگ جا معاشي اثر آمريڪي صارفين محسوس ڪري رهيا آهن.

عباس عراقچي موجوده صورتحال ۾ حقيقتن ۽ جنگ جي معاشي اثرن کي نظرانداز نه ڪرڻ تي زور ڏنو.