واشنگٽن: آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته هو پاڪستان ۾ بنيادي جمهوري اصولن جي حمايت ڪن ٿا.ميڊيا رپورٽن موجب واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران ميٿيو ملر چيو ته آزاد ميڊيا، اظهار جي آزادي، اسيمبلي جي آزادي، اهي سمورا اصول جمهوري چونڊن جو بنياد آهن، جنهن جي هو حمايت ڪن ٿا.پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ افغانستان جي صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته طالبان جي واعدن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ آمريڪي مفادن جي تحفظ جو حق برقرار رکنداسين، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته خطي ۾ دهشتگردي خلاف ڪارروايون ڪرڻ جي صلاحيت کي برقرار رکيو ويندو.