راولپنڊي: آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير بلوچستان ۾ سي پيڪ جو جائزو وٺڻ لاءِ گوادر جو دورو ڪيو. جتي هن مقامي اڳواڻن سان به ملاقات ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب گوادر جي دوران بلوچستان جو وڏو وزير ۽ ڪور ڪمانڊر ڪوئٽه ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور به موجود هئا. ان دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير کي سيڪيورٽي صورتحال، سي پيڪ سيڪيورٽي ۽ انفارميشن جي آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف علائقي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي زور ڏيندي چيو ته هٿياربند فوج بلوچستان جي ترقي ۽ امن جي قيام جو عزم رکي ٿي. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا گمراهه ماڻهو بلوچستان جي عوام ۽ هٿياربند فوجن جي امن ۽ خوشحالي واري عزم کي ٽوڙي نٿا سگهن. هن چيو ته عوام ۽ فوج امن ۽ خوشحالي کي يقيني بنائڻ لاءِ پرعزم آهي.آرمي چيف عاصم منير بلوچستان جي لاءِ تعليم، سولر سسٽم، ماهيگيري، پاڻي، صحت راندين ۽ ٻين منصوبن جو پڻ اعلان ڪيو.ان موقعي تي آرمي چيف سمورين رينڪس جي ڪوششن جي تعريف پڻ ڪئي ۽ بلوچستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ پيشوارانه عزم سان ڪم جاري رکڻ تي زور ڏنو. جنرل عاصم منير معزز ماڻهن، چونڊيل نمائندن ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان پڻ ڳلهه ٻولهه ڪئي.