اسد قيصر خلاف خيبرپختونخواهه تعليم کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين جو ڪيس داخل

قومي اسيمبلي جو اڳوڻو اسپيڪر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ اسد قيصر به اينٽي ڪرپشن جي ريڊار تي اچي ويو سندس خلاف تعليم کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.اسد قيصر خلاف پي ٽي آءِ جي حڪومت واري دور دوران تعليم کاتي ۾ غيرقانوني ڀرتين جو ڪيس صوابي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اڳوڻي صوبائي زير شهرام ترڪئي، اڳوڻي وڏي وزير جي صلاحڪار عبدالڪريم خان ۽ ڊپٽي اي ڊي او کي به نامزد ڪيو ويو آهي. صوابي ٿاڻي ۾ داخل ڪيس اينٽي ڪرپشن صوابي جي آفيسر جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي.اينٽي ڪرپشن خيبرپختونخواهه موجب پي ٽي آءِ جي دور ۾ سياسي مداخلت تي ميرٽ جي ابتڙ ڀرتيون ڪيون ويون تعليم کاتي جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ بعد بي ضابطگيون سامهون آيون.اينٽي ڪرپشن جي ترجمان موجب غيرقانوني ڀرتين سبب قومي ناڻي کي 1 ڪروڙ 78 لک روپين جو نقصان ٿيو آهي.