اسلام آباد ۾ ڦورن جي فائرنگ: پوليس اهلڪار پٽ سميت مارجي ويو

اسلام آباد جي سيڪٽر جي اليون فور ۾ ڦورن جي فائرنگ سبب پوليس جو هيڊ ڪانسٽيبل پٽ سميت مارجي ويو آهي ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس اهلڪار ڊيوٽي ختم ڪري پٽ سان گڏ واپس گهر وڃي رهيو هو ته جي اليون 4 ۾ ڦر جي ڪارروائي لاءِ بيٺل ڦورن کي هن پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي ڦورن پوليس اهلڪار مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اسلام آباد پوليس جو هيڊ ڪانسٽيبل محمد اشرف ۽ سندس پٽ مارجي ويا واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي، پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڏنو آهي. ٻئي طرف مارجي ويل اهلڪار جي گهر ڀاتين ڊي سي آفيس اسلام آباد جي ٻاهران احتجاج ڪندي جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي آءِ سي سي پي او ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان جابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته شهيد پوليس اهلڪار جي قاتلن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.