پاڪستان : پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءُ ۽ ڀائيٽي جي قتل جي مذمت ڪئي آهي بلاول چيو آهي ته اڪرم ابڙو ۽ شهريار ابڙو جو قتل دهشتگردي آهي، قاتل جلد قانون جي پڪڙ ۾ هوندا سنڌ بار ڪائونسل پاران به بار جي ميمبر اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ جي قتل خلاف سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي سنڌ بار ڪائونسل پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ جو قتل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارڪردگي تي سواليا نشان آهي، قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.