گلگت بلتستان جي اليڪشن ڪميشن اسکردو تڪ 2 جو حتمي نتيجو جاري ڪري ڇڏيو آهي۔تفصيلن موجب پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار محمد علي شاهه جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن چونڊ عمل بابت جاچ جو حڪم ڏنو هو، پر ضلعي ريٽرننگ آفيسر جي رپورٽ ۾ سمورا الزام بي بنياد قرار ڏنا ويا آهن۔رپورٽ موجب پولنگ جو عمل پرامن ۽ قانون موجب مڪمل ٿيو۔ ڪنهن به پولنگ اسٽيشن تي قبضي، تشدد، ڌمڪين، رڪاوٽن يا پولنگ ۾ خلل جو ڪو واقعو پيش نه آيو۔ضلعي ريٽرننگ آفيسر پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ته بيلٽ باڪس، بيلٽ پيپر ۽ ٻيو چونڊ سامان محفوظ رهيو، جڏهن ته پولنگ عملي ۽ پولنگ ايجنٽن کي به پنهنجا فرض انجام ڏيڻ کان نه روڪيو ويو۔ٻئي طرف چيف اليڪشن ڪمشنر جي منظوري سان گذريل ڏينهن 5 تڪن جي مخصوص پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ ڪرائڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو هو۔