اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 37 سيٽن تي ننڍيون چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه، بلوچستان ۽ اسلام آباد جي قومي اسيمبلي جي 37 سيٽن تي ننڍيون چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن.رپورٽ موجب اليڪشن ڪميشن مختلف صوبن ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن تي ٿيندڙ ننڍيون چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون. خيبرپختونخواهه ۾ قومي اسيمبلي جي 24 تڪن ۽ اسلام آباد مان قومي اسيمبلي 3 تڪن ۾ ننڍيون چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن.اليڪشن ڪميشن موجب اهڙي طرح بلوچستان جي قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ ۽ سنڌ جي قومي اسيمبلي جي 8 تڪن ۾ ننڍيون چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن.اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته عدالتي فيصلن جي روشني ۾ ننڍيون چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان ننڍيون چونڊون 16 ۽ 19 مارچ تي ڪرائڻ جو شيڊول پڻ جاري ڪيو ويو هو.