اليڪشن ڪميشن پنجاب جون چونڊون ملتوي ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي: عمران خان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنجاب جون چونڊون آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن چيو ته اڄ هر ماڻهو کي عدليه ۽ وڪيلن سان ان اميد سان گڏ بيهڻ گهرجي ته هو آئين جي حفاظت ڪندا ڇو ته جيڪڏهن اڄ(اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي) مڃيو ويو ته اهو پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني جو خاتمو آهي.عمران خان چيو ته اسان پنهنجي 2 صوبائي اسيمبلين کي ان اميد سان ٽوڙي ڇڏيو هو ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿينديون جيئن آئين ۾ لکيل آهي. اسان اها ڪارروائي آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي يا دهشتگردن جو راڄ مڙهڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ ناهي ڪئي.ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبلي جون 30 اپريل تي ٿيندڙ چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن موجب پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ 8 آڪٽوبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. هوڏانهن نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ امن امان جي صورتحال سازگار ناهي.