اوٻاوڙو: : اوٻاوڙو ويجهو رائونٽي جي ڪچي ۾ مبينه پوليس مقابلي دوران 9 دُهل وڄائيندڙن کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.پوليس موجب چنيوٽ جي دهلاري گروپ کي سنڌ پنجاب بارڊر واري ڪچي ۾ شادي جي تقريب لاءِ بهاني سان گهرائي يرغمال بڻايو ويو هو. بازياب ٿيلن ۾ عنصر علي، سيمبل، شفقت علي، بلال، مشتاق، اسماعيل، قمر عباس، طيب ۽ نعمان علي شامل آهن. جن کي ڌاڙيلن زنجيرن سان ٻڌي رکيو هو.پوليس موجب ڌاڙيلن مغوين جي وارثن کان هڪ ڪروڙ روپين جو ڀُنگ طلب ڪيو هو. ٻئي پاسي مغوين رائونتي پوليس مقابلي جا راز کولي ڇڏيا، ڪوبه پوليس مقابلو ناهي ٿيو، 50 لک ڀنگ ڀري آزاد ٿيا آهيون، مغوين اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ڪري ڇڏي آهي.مغوين موجب ايس ايڇ او رونتي ڪڏهن به ڪچي ۾ ناهي آيو، اسان جي وارثن چندو ڪري پئسا ڏئي آزاد ڪرايو آهي. ياد رهي ته 20 ڏينهن اڳ چنيوٽ واسي 8 دهل وڄائيندڙ رحيم يار خان کان اغوا ٿي ويا هئا.