اوٻاوڙو ويجهو تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر سبب 3 ڄڻا ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا قومي شاهراهه چوڪ ماڙي وٽ تيز رفتار ٽرالر جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر سبب 3ڄڻا موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. اهڙي اطلاع تي موٽر وي پوليس پهچي لاش کي ٽرالر هيٺان ڪڍيو جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. لاشن کي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو ويو آهي حادثي دوران فوت ٿيلن جي سڃاڻپ اوٻاوڙو واسي عاشق عالماڻي، عبدالمالڪ پنهوار، پهلوان پنهوار طور ٿي آهي جيڪي اوٻاوڙو کان صادق آباد وڃي رهيا هئا ته قومي شاهراهه تي حادثو پيش آيو. فوت ٿيلن جا لاش سندن وارثن حوالي ڪيا ويا آهن پوليس موجب موٽر سائيڪل سوار اوٻاوڙو کان صادق آباد وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي. ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.