رانوتي جي ڪچي ۾ پوليس جو مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن دوران فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو.
مارجي ويل ڏوھاري جي سڃاڻپ رشيد شر طور ڪئي وئي جڏهن ته زخمي شيرمحمد شر کي پوليس زخمي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪري رهي هئي ته هو رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.مارجي ويل ڏوھاري جو لاش پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو پوليس موجب زخمي ٿيل ڏوھاري شير محمد شر به فوت ٿي ويو آهي. آپريشن واري هنڌ تي پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو سلسلو جاري آهي.پوليس موجب مارجي ويل ڌاڙيل شيرو شر 5 پوليس اهلڪارن جي شهادت واري واقعي ۾ به ملوث هو.