ايف آءِ اي محمد خان ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو

لاهور: وفاقي جاچ ايجنسي ايف آءِ اي پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي پرنسپل سيڪريٽري محمد خان ڀٽي کي گرفتار ڪري ورتو.ايف آءِ اي موجب محمد خان ڀٽي خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل آهي، اينٽي ڪرپشن عدالت مان محمد خان ڀٽي جي ضمانت منظور ٿيڻ کانپوءِ ايف آءِ اي کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو.وڪيل راڻا انتظار ٻڌايو ته عدالت ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي محمد خان ڀٽي کي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ کيس 25 مارچ تي ٻيهر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.ياد رهي ته محمد خان ڀٽي جي هڪ وڊيو سامهون آئي هئي، جنهن ۾ هو ڪيترين ئي اهم عدالتي شخصيتن تي پي ٽي آءِ جي حمايت جا الزام هڻي رهيو آهي.