ايم ڪيو ايم جي رعنا انصار سنڌ اسيمبلي جي پهرين عورت اپوزيشن اڳواڻ چونڊجي وئي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سوا ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو جنهن ۾ صوبائي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ لاءِ ايم ڪيو ايم جي رعنا انصار کي 69 مان 39 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي وئي رعنا انصار کي ايم ڪيو ايم جي 20، جي ڊي اي جي 10 ۽پي ٽي آءِ جي 9 ناراض ميمبرن جي حمايت ملي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني رعنا انصار کي اپوزيشن اڳواڻ بنجڻ تي مبارڪباد ڏني. اجلاس دوران اسپيڪر آغا سراج دراني رعنا انصار کي اپوزيشن اڳواڻ جي سيٽ تي ويهڻ جو چيو. جنهن کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 2 آگسٽ 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي رعنا انصار کي اپوزيشن اڳواڻ بنجڻ سان سنڌ ۾ پي ٽي آءِ کي وڏو نقصان ٿيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ ۾ نگران حڪومت جي مشاورت جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي وئي آهي. هاڻ نگران حڪومت جي لاءِ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ مشاورت ٿيندي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم جي اپوزيشن اڳواڻ رعنا انصار سان نگران سيٽ اپ بابت مشاورت ڪندو. ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه آگسٽ جي پهرين هفتي کان نگران حڪومت بابت مشاورت شروع ڪندو.