اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مٿان فرد جرم لاڳو ڪئي وئي

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مٿان فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مٿان ڪيپيٽل بل حملي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ چيو ويو آهي ته هن 2020 جي چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽرمپ تي سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي ڊونلڊ ٽرمپ تي لڳايل فرد جرم ۾ سندس مٿان آمريڪا کي ڌوڪو ڏيڻ ۽ عوام جا حق پامال ڪرڻ جا الزام شامل آهن. اڳوڻي صدر تي ٽيون ڀيرو فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان اڳ اڳوڻي صدر ٽرمپ جو بيان سامهون آيو هو جنهن ۾ هن چيو هو ته ٻڌو آهي ته اسپيشل ڪونسل جيڪ اسمٿ اڄ منهنجي مٿان فرد جرم لاڳو ڪندو. جعلي فرد جرم 2024 جي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت آهي فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ اسپيشل ڪونسل جيڪ اسمٿ چيو ته عدالت کي ٽرمپ خلاف صدارتي چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪيس جي تڪڙي ٻڌڻي جو چونداسين. هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ جي حامين ڪوڙ جي بنياد تي ڪيپيٽل بل تي حملي لاءِ ماڻهن کي ڀڙڪايو هو. صدر بائيڊن جي ڪاميابي کي نه مڃڻ لاءِ ڪيپيٽل بل تي چڙهائي ڪئي وئي.