وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بجلي جي قيمت آءِ ايم ايف جي شرط تي مجبوري سبب وڌائي، ملڪ ۾ 31 سيڪڙو گهريلو صارفين کي سبسڊي ڏني وئي آهي.
پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ پيٽروليم صنعت ۾ تعاون جي معاهدي تي صحيحن جي تقريب لاهور ۾ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف مهمان خاص طور شريڪ ٿيو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف بجلي جون قيمتون وڌائڻ تي به ڳالهيون ڪيون. هن چيو ته قيمتن ۾ واڌ جا اثر غريب عوام تي پوڻ نه ڏيندس، 31 سيڪڙو گهريلو صارفين کي سبسڊي ڏني وئي آهي. 63 سيڪڙو گهريلو صارفين تي اهو بار نه پوندو وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙن تي بار نه پوندو. 300 يونٽ استعمال ڪندڙن تي بجلي جي واڌ جو اثر نه پوندو. بجلي جون قيمتون مجبوري سبب وڌايون آهن ڇو ته بجلي مهانگي ڪرڻ آءِ ايم ايف جي شرط هئي پيٽروليم جي صنعت ۾ تعاون جي معاهدي تي ڳالهيون ڪندي هن چيو ته معاهدي ۾ اهم ڪردار صدر آذربائيجان جو آهي. مصدق ملڪ، اسحاق ڊار جو ڪردار تمام گهڻو اهم رهيو آهي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان دوست ملڪ آهن ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جو اهم ترين ڏينهن آهي، معاهدي جو مدو هڪ سال آهي ان کي وڌيڪ هڪ سال وڌائي سگهجي ٿو وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آذربائيجان سان ايل اين جي جو هڪ جهاز هر مهيني خريد ڪيو ويندو پر پاڪستان فيصلو ڪندو ته مقرر قيمت تي خريد ڪرڻو آهي يانه. ايل اين جي خريد ڪرڻ تي پاڪستان تي ڪوبه هرجاڻو نه هوندو هوڏانهن پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ پيٽروليم صنعت ۾ تعاون جي معاهدي تي صحيحن جي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان ايل اين جي خريداري لاءِ تاريخي فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.