بڊاڻي ڀرسان گُبلو ٿاڻي جي حد مان 2 مهينا اڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل پورهيت زبير احمد ڀٽو وارثن جي ڪوشش سان بازياب ٿي گهر پهڇي ويو. وارثن ۾ خوشي واري لهر

تفصيل موجب بخشاپور ڀرسان گبلو ٿاڻي جي حد مان ٻھ مھينا اڳ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿيل پورھيت زبير احمد ڀٽو وارثن جي ڪوشش سان بازياب ٿي گهر پھچي ويو ء وارثن م خوشي جي لھر ڇانيل رابطو ڪرڻ تي زبير احمد ڀٽو ٻڌايو ته مونکي ٻھ مھينا اڳ گُبلو واري ڪچي مان 6 نامعلوم ھٿياربندن اغوا ڪري کڻي ويا هئا مونکي ھڪ جهنگ ۾ رکيو ويو هو جتي ڀُنگ عيوض سخت تشدد ڪندا ھئا هن چيو ته مونکي پوليس بازياب ناهي ڪرايو منھنجي وارثن قرآن پاڪ کڻي ڪچي ۾ گھمايو جنهن بعد ڌاڙيلن کي رحم آيو ۽ هو مونکي نھڙ پتڻ وٽ ڇڏي هليا ويا جتان مونکي وارث وٺي گهر آندو