تنگواڻي تعلقي جي ڳوٺ عبدالرزاق باجڪاڻي جي رھواسڻ بيواھ عورت جو سڳي ڀائرن خلاف احتجاج

تنگواڻي تعلقي جي ڳوٺ عبدالرزاق باجڪاڻي جي رھواسڻ بيواھ عورت جو سڳي ڀائرن خلاف احتجاج جاري عورت کي مختلف وقتن تي ڀائر موت مار ڌمڪيون ڏيندا پيا اچن ان سلسلي ۾ بيواھ عورت مسمات ڪمالان خاتون لاشاري ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجو مڙس ٻھ سال اڳ فوت ٿي ويو آھي جنھن بعد منھنجا سڳا ڀائر خير بخش ۽ خير محمد مون کي موت مار ڌمڪيون پيا ڏين جڪي منھنجي نياڻين کي ڏوڪڙن عيوض وڪرو ڪرڻ چاھين ٿا جن پھرين بھ منھنجي ھڪ نياڻي وڪرو ڪري ڏوڪڙ ھضم ڪيا آھن عورت وڌيڪ ٻڌايو ته ڀائرن کان تنگواڻي پوليس رشوت وٺي مون خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي جن خلاف مان عورت سڳوري ۾ درخواست ڏني جنھن مون انصاف ڪندي تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ان باوجود به ڀائر منھنجا ۽ ٻچڙن جا ويري بڻيل آھن ھن وڌيڪ چيو ته منھنجا ڀائر منھنجي خلاف علائقي جي معزز مير شاھزين خان بجاراڻي وٽ دانھي ويا آھن پر مون کي ان مان اميد آھي تھ ھو مون سان انصاف ڪندو بيواھ عورت ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ سميت وس وارن اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي ڀائرن خلاف قانوني ڪاروائي سميت تحفظ ڏيڻ جي پڻ گھر ڪئي آھي