تنگواڻي: 18 ورھين جو نوجوان غُلام رسول ولد اُستاد عبدالخالق بکراڻي ۽ 12 سالن جو منصور احمد ولد اعظم شاھ پٺاڻ ڪلھ شام 7:30 بجہ ڪنڌڪوٽ شهر کان تنگواڻي طرف ايندي واپسيءَ تي ڪنڌڪوٽ_ٺل ھاءِ وي تان لاپتا ٿي ويا. ڪشمور ضلعي پوليس کي بروقت اطلاع ڪيو ويو، پر روايتي انداز سان پوليس ڪابه اڳڀرائي نه ڪري سگهي. وارثن پاران نوجوانن جي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏھن ته ممڪنہ مُغوين جو نمبر مُسلسل بند آھي ۽ نوجوان غُلام رسول جي والد اُستاد عبدالخالق جو چوڻ آهي ته آئون ساڻن آخري رابطو 7 بجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪال اٽينڊ نه ٿي سگهي ۽ ڪجهه دير کانپوءِ سندس موبائل جو نمبر مُسلسل بند ملي رھيو آھي اسين ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪريون ٿا ته نوجوانن جي اغوا جو نوٽيس وٺي کين جلد کان جلد واپس ڪرايو وڃي، سندن والدين ۽ خاندان سخت پريشان آهن.