توشه خانه انڪوائري انويسٽيگيشن ۾ تبديل، پي ٽي آءِ چيئرمين جي نيب طلبي

نيب تحريڪ انصاف چيئرمين خلاف توشه خانه انڪوائري انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪري ڇڏي.نيب نوٽيس موجب پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف انڪوائري انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪئي وئي آهي.نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ثبوتن ۽ شاهدن جي بيانن جي روشني ۾ انڪوائري انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪئي وئي آهي.نوٽيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪمبائنڊ انويسٽيگيشن ٽيم سامهون پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين کي ذاتي طور تي رپورٽ آف انڪوائري ڏني ويندي.نيب اڳوڻي وزيراعظم کي 17 جولاءِ تي صبح 10 وڳي طلب ڪيو آهي.