اسلام آباد: نيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي توشه خانه ڪيس ۾ 9 مارچ تي طلب ڪري ورتو.عمران خان کي نيب اسلام آباد طرفان نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جيڪو عمران خان جي رهائشگاهه بني گالا ۽ چڪ شهزاد اسلام آباد جي ايڊريس تي اماڻيو ويو آهي.نوٽيس ۾ قومي احتساب بيورو(نيب) عمران خان تي الزام هنيو آهي ته هن پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ملندڙ تحفن کي وڪرو ڪيو جنهن ۾ 4 روليڪس گهڙيون، هڪ آءِ فون جيڪو کيس 2018 ۾ قطر آرمڊ فورسز طرفان ڏنو ويو. ان کان علاوه قيمتي گهڙي ۽ ٻيا تحفا شامل آهن جيڪي هن قانون جي ابتڙ وڪرو ڪيا.